ڊاڪٽر تنيو شمس الدين

ڊاڪٽر تنيو شمس الدين

شمس الدين تنيو ڊاڪٽر

شمس الدين تنيو، ڊاڪٽر: مشهور اُستاد ۽ زرعي سائنسدان ڊاڪٽر شمس الدين تنيو پهرين مارچ 1955ع تي ڳوٺ ٺوڙهي بجار، تعلقي قمبر ۾ ڄائو. تعليم بي. ايس. سي آنرز (ايگرا نامي:1977ع)، ايم. ايس. سي (ايگرانامي:1980ع ۽ پي. ايڇ. ڊي (يونيورسٽي آف وينز، برطانيا: 1990ع) آهي. ڊپارٽمينٽ آف ايگرانامي، زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام۾ پروفيسر ۽ ڊين جي عهدي تي فائز آهي. سٺو نثر نگار، لغات نويس، ايگرانامسٽ ۽ مترجم آهي. سندس تحقيق ۽ ترتيب ۾ هيٺيان ڪتاب شامل آهن: (1) ”نيو سائنٽيفڪ ڊڪشنري“ (انگريزي-سنڌي 1995ع)، (2) ”وڌايل ۽ سڌاريل ايڊيشن“ (2003ع)، Glossary of Agricultural Terms (2001)، (3) ”فصل ۽ گندگاهه“ (2004ع)، (4) ”نج ٻج“ پيداوار ۽ چڪاس (2005ع)، (5) ”فصلن جي گڏيل پوک“ (ڊاڪٽر حاجي اسلام الدين مجيداڻي سان گڏ 2004ع) ۽ (6) ”سنڌ جا فصل“ (2007ع) ۽ ”سنڌ جي زراعت“ (2007غ، ”سنڌ جون ڀاڄيون ۽ مصالحه“ (2009ع) ڇپيل آهن. هو هن وقت ٽنڊي ڄام ۾ رهي ٿو. سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي ايڊيٽرن جي پئنل ۾ شامل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1955.03.01  عيسوي

ڊاڪٽر شمس الدين تنيو پهرين مارچ 1955ع تي ڳوٺ ٺوڙهي بجار ، تعلقي قمبر ۾ ڄائو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

تنوير انجم
بشير احمد انصاري ڊاڪٽر
مفتي آفتاب احمد
رحيم خان کوسو
لياقت علي جتوئي
چاچڙ حاجي شاهنواز خان
پنهور مولوي محمد علي
سهراب خان سرڪي ڊاڪٽر
ڄام فتح خان
گوتم راٺي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون